تھران:(اڱارو 24 جون 2025ع)ايران آمريڪي حملي جو جواب قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل فائر ڪري ڏنو آهي.
ايران جي سرڪاري ٽي وي تصديق ڪئي آهي ته ايراني ميزائل قطر جي العديد فوجي هوائي اڏي تي حملو ڪيو.
حملي کان ڪجهه وقت اڳ، قطر پنهنجي هوائي حدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ اهو ٻڌايو ويو هو ته آمريڪا العديد فوجي اڏي تان پنهنجا 40 جنگي جهاز واپس وٺي ڇڏيا آهن.
قطر ۾ ايران جي ميزائل حملي جو نشانو بڻايل آمريڪي فوجي اڏي جي اهميت ڇا آهي؟
الجزيره جي مطابق، قطر جي گادي واري هنڌ دوحا جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع العديد هوائي اڏو 60 ايڪڙ تي پکڙيل آهي ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ وڏو آمريڪي فوجي اڏو آهي، جيڪو علائقي ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائين جو مرڪز پڻ آهي.
هي اڏو 10,000 کان وڌيڪ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي ميزباني ڪري ٿو ۽ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) جو فارورڊ هيڊ ڪوارٽر پڻ آهي.
هي اڏو 1996 ۾ دفاعي تعاون جي معاهدي تحت قائم ڪيو ويو هو.
هوائي اڏي عراق، شام ۽ افغانستان ۾ هوائي ڪارروائين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڳري جهازن لاءِ مناسب رن وي آهن، جن ۾ B-52 بمبار به شامل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language