welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي فوج جو ڌيان هاڻي غزه ڏانهن هوندو: اسرائيلي آرمي چيف

تل ابیب:(اڱارو 24 جون 2025ع)اسرائيلي فوج جي سربراهه ايال ضمير چيو آهي ته اسرائيلي فوج هاڻي غزه ۾ جاري جنگ تي ڌيان ڏيندي. هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي جي مطابق، اسرائيلي فوج جي چيف آف اسٽاف چيو آهي ته ايران خلاف جاري مهم جو هڪ "اهم باب" مڪمل ٿي چڪو آهي، پر مهم اڃا ختم نه ٿي آهي. اسرائيلي فوج پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾، ايال ضمير چيو ته اسرائيلي فوج جو ايندڙ مقصد غزه ۾ ٻيهر ڪارروائي ڪرڻ آهي ته جيئن "اسرائيلي يرغمالين کي واپس ڪيو وڃي ۽ حماس جي حڪمراني کي ختم ڪيو وڃي." اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران تي حملن جي شروعات ۾، اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو هو ته فوج جو سڄو ڌيان هاڻي غزه کان ايران ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے