
اسلام آباد:(خميس 26 جون 2025ع)حڪومت امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي ضروري انتظامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا تي مذهبي نفرت پکيڙيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي شامل آهي.
محرم الحرام جي سيڪيورٽي پلان تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير مملڪتي وزير طلال چوڌري، سيڪريٽري گهرو، سي ڊي اي جي قائم مقام چيئرمين، ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري، ڊي سي اسلام آباد، ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس، آزاد ڪشمير ۽ جي بي ڪي پوليس جا آءِ جي، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز پنجاب، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد سميت سڀني صوبن ۾ محرم جي سيڪيورٽي پلان جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ سوشل ميڊيا تي مذهبي نفرت پکيڙيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرنيٽ يا موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو فيصلو صوبن سان صلاح مشوري سان ڪيو ويندو.
گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سڀئي ضروري قدم ۽ فيصلا باهمي صلاح مشوري سان ڪيا ويندا، وفاق امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، ڪنهن کي به اشتعال انگيز يا فساد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، محرم الحرام دوران ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪيو ويندو، ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جلوسن ۽ اجتماعن جي نگراني يقيني بڻائي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language