حیدرآباد:(خميس 26 جون 2025ع)ناليواري شاعر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس وارو معاملو، حيدرآباد جي عدالت ناليواري شاعر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار سندس ويڳي پٽ وشال لطيف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي 30 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آھي،
وشال لطيف کي سزا ڏيارڻ ۽ بچائڻ لاء ماء ۽ ڌيءَ عدالت ۾ آمهون سامهون ٿي ويون، آڪاش جي انصاري جي گهر واري حليما جي درخواست تي سندس ڌي ميران مخالفت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي،
30 جون تي ضمانت بابت فيصلو ٿيندو ، 12 جون تي آڪاش انصاري جي بيوه حليمه عدالت ۾ حلف نامو جمع ڪرايو هيو ته قتل ڪيس جو جوابدار سندس پٽ بيگناه آهي ، سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي ته کيس ڪوبه اعتراض نه آھي.
حليمه جي درخواست جي خلاف آڪاش انصاري جي وڏي ڌيءَ ميران عدالت ۾ جوابدار جي ضمانت منطور نه ڪرڻ جي لاء درخواست جمع ڪرائي ھئي، ميران موقف اختيار ڪيو ته وشال لطيف عدالت آڏو قتل جو اعتراف ڪري چڪو آهي ، کيس ضمانت نه پر سزا ڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language