welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي تيز برسات دوران مختلف حادثن ۾ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا

ڪراچي:(آچر 29 جون 2025ع)ڪراچي ۾ 2 ڏينهن ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. ڪراچي ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿيا. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته لياري موسيٰ لين ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت 5 ماڻهو زخمي ٿيا. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته منظور ڪالوني اسٽريٽ نمبر 1 ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب هڪ ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿيا. ان کان علاوه، نيو ڪراچي سيڪٽر 11 جي ۾ هڪ گهر ۾ 40 سالن جو گلفام، گوليمار فردوس ڪالوني ۾ هڪ دڪان ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 سالن جو مير جان، جڏهن ته سرجاني خدا جي بستي ۾ هڪ گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 21 سالن جو احمد ۽ ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ 17 سالن جو مدثر فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب، 22 سالن جو ڪامران سائيٽ ايريا ليبر اسڪوائر ڪمپني ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے