welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ مون سون جي برساتن جو سلسلو جاري، مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ متعدد زخمي

ڪراچي:(خميس 26 جون 2025ع)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مون سون جي برسات جاري آهي، پنجاب ۾ برسات دوران مختلف واقعن ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 55 ڄڻا زخمي ٿي پيا. قصور ضلعي جي چونيان تحصيل ۾ برسات دوران هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڇوڪريون فوت ٿي ويون، جڏهن ته بهاولنگر ۾ پڻ هڪ 4 سالن جو ٻار هڪ مٽيءَ جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. هوائن ۽ تيز برسات سبب اڪثر علائقن ۾ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، هيٺاهين وارا علائقا پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا. لاهور ۾ به تيز برسات پئي، سڀ کان وڌيڪ 45 ملي ميٽر برسات نشتر ٽائون ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. تيز برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته اربين رپين جي لاڳت سان ٺهيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عمارت جي تعمير صرف 2 سالن کان پوءِ برسات ۾ ٽمٽار ٿيڻ لڳي. اتر وزيرستان، خيبر پختونخواه جي مردان ضلعي ۾ به طوفان آيو. ڏکڻ وزيرستان ۾، ڪالهه جي تيز برسات سبب جامع مسجد جي ڇت ڪري پئي، ۽ ڪجهه گهرن ۽ دڪانن کي به نقصان پهتو. اڄ کان 29 جون تائين ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفان جو امڪان آهي. ٽنڊي ڄام ۾ ھڪ مدرسي جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه مکتابي مري ويا ۽ 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا متعدد زخيمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي اين ڊي ايم اي الرٽ: ممڪن ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو ٻئي طرف، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 24 کان 48 ڪلاڪن اندر وڌيڪ برساتن ۽ ممڪن ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي موجب، 26 کان 28 جون دوران اسلام آباد، فيصل آباد، سرگوڌا ۽ ميانوالي ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه جي جبلن وارن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ۽ سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ اچي سگهي ٿي. ان سان گڏ، مظفر آباد، نيلم وادي، راولاڪوٽ، حويلي، هٽين بالا ۾ به تيز برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، هيٺاهين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي صورت ۾ فوري طور تي مقامي اختيارين سان رابطو ڪن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے