welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت: مذهبي ميلي ۾ ڀاڄ، ٽي ڄڻا فوت، 50 زخمي

اوڙیسا:(سومر 30 جون 2025ع)هندستان ۾ هڪ مندر جي ٻاهران مذهبي ميلي دوران ڀاڄ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿي پيا. هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ديوتائن جي بتن کي کڻي ويندڙ هڪ گاڏي جگن ناٿ مندر کان تقريباً 3 ڪلوميٽر پري هئي ته اوچتو ڀاڄ پئجي وئي. هڪ مقامي انتظامي آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ميڊيا کي ٻڌايو ته اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ميڙ قابو کان ٻاهر ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ماڻهو موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، جن مان 6 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ياد رکڻ گهرجي ته هندستان ۾ اهڙن مذهبي ميلن ۾ اهڙا واقعا عام آهن، جن ۾ گهڻيون موت انتظامي نااهلي ۽ ڀاڄ سبب ٿينديون آهن. اهڙن موقعن تي، ماڻهن جو وڏو انگ تنگ هنڌن تي گڏ ٿيندو آهي ۽ حفاظتي هدايتن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ساڳئي قسم جو هڪ افسوسناڪ واقعو هن سال جنوري ۾ پيش آيو، جڏهن اتر پرديش جي شهر پرياگ راج ۾ ’مها ڪمڀ ميلا‘ دوران صبح سوير ڀاڄ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 39 ماڻهو فوت ٿي ويا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته 2 ڏينهن اڳ، هندستاني شهر احمد آباد ۾ ’رٿ ياترا‘ دوران 3 هاٿي ڪنٽرول وڃائي ويٺا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے