welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ گريڊ 4 تائين ڀرتين بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم: ڪيس ٻيهر ٻڌڻ جو حڪم

ڪراچي:(جمعو 06 جون 2025ع)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ صوبي جي مختلف کاتن ۾ هڪ کان 4 گريڊ جي ملازمن کي جوائننگ نه ڏيڻ واري مامري ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪيس ٻيهر ٻڌي 2 مهينن ۾ ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت جو موقف ٻڌڻ بنا فيصلو جاري ڪيو، سنڌ حڪومت صوبي ۾ گريڊ هڪ کان 4 جون ڀرتيون روڪيون هيون، اميدوارن جي وڪيل چيو ته ملازمن کي آفر ليٽر ملي چڪا آهن، الڳ الڳ ميرٽ جا ڪيس آهن، عدالت جي هڪ فيصلي هيٺ 4 گريڊ تائين سموريون مقرريون روڪيون ويون، جنهن تي عدالت چيو ته گريڊ 4 جون معمولي گريڊ جون نوڪريون آهن، هاڻ اوهان مالهي ۽ چوڪيدارن جا ڪهڙا انٽرويو ڪندئو؟ سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻيهر ٻڌي ٻن مهينن ۾ فيصلو جاري ڪري.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے