سکر:(آچر 08 جون 2025ع)سکر ۾ مينهن چوري ٿيڻ جي معاملي تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پوليس موجب واقعو سکر جي علائقي روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي جتي مينهن چوري ٿيڻ جي معاملي تي گذريل سال کان جهيڙو هلندو پيو اچي.
پوليس موجب ڪجهه مهينا اڳ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿي وئي هئي پر عيد جي ڏينهن ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ ٻار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اسپتال ۾ ٻن زخمين مان ھڪ زخمي به فوت ٿي ويو جنھن سان فوتين جو انگ 4 ٿي ويو
پوليس موجب گذريل سال مينهن چوري جي معاملي تي شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 43 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language