welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چين پاڪستان جو 3.4 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪري ڇڏيو

بيجنگ:(آچر 29 جون 2025ع)چين پاڪستان جو 3.4 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبر رساں اداري رائٽرز جي مطابق، قرض واپس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا. خبر ايجنسي، ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ 2.1 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم جمع ڪرائي آهي، جڏهن ته ٻه مهينا اڳ پاڪستان پاران ادا ڪيل 13 ملين ڊالر جي ڪمرشل قرضن کي به ٻيهر فنانس ڪيو ويو آهي. خبر ايجنسي جي مطابق، پاڪستان کي وچ اوڀر جي ڪمرشل بينڪن کان 1 ارب ڊالر ۽ ٻين گهڻ طرفي فنانسنگ کان 500 ملين ڊالر مليا آهن. خبر ايجنسي جي مطابق، پاڪستان کي موجوده مالي سال جي آخر تائين پنهنجي آءِ ايم ايف قرضن کي 14 ارب ڊالر کان مٿي رکڻو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے