welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ اڄ صبح جو ٻيھر زلزلي جا جھٽڪا، پهرين جون کان اڄ تائين 32 جھٽڪا اچي چڪا

ڪراچي:(جمعو 06 جون 2025ع)ڪراچي ۾ اڄ صبح سوير ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ صبح ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي چيو ته شهر ۾ زلزلي جو پهريون جهٽڪو صبح جو 4:46 تي رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي شدت 2.7 ۽ زمين جي اندر 2 ڪلوميٽر کوٽائي هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڊفينس کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ هو. موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته زلزلي جو ٻيو جهٽڪو صبح 7:58 تي رڪارڊ ڪيو ويو، زلزلي جي شدت 1.8 ۽ کوٽائي 8 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ملير کان لڳ ڀڳ 7 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو. ڪراچي ۾ هاڻي تائين ڪيترا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن؟ ان حوالي سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر لغاري چيو ته پهرين جون کان وٺي زلزلي جا 32 جهٽڪا رپورٽ ٿيا آهن، اهي سڀئي زلزلا معمولي شدت جا هئا، زلزلي جي گهٽ ۾ گهٽ شدت 1.5 ۽ وڌ ۾ وڌ شدت 3.6 هئي. هن اهو به چيو ته زلزلي جو آخري جهٽڪو اڄ صبح 8:32 تي 1.5 جي شدت سان رڪارڊ ڪيو ويو، زلزلي جي کوٽائي 2 ڪلوميٽر کان 188 ڪلوميٽر تائين هئي، زلزلي جا جهٽڪا قائد آباد، گڊاپ، ملير، ڊي ايڇ اي، ڪورنگي کان رپورٽ ٿي رهيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے