تربت:(ڇنڇر 07 جون 2025ع)بلوچستان جي ضلعي تربت جي علائقي زمران ۾ هڪ گاڏي ويجهو ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا.
پوليس اختيارين موجب، تربت جي علائقي زمران ۾ سرڪزا ۾ اڄ صبح هڪ گاڏي تي بم ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾، سرڪزا زمران جا رهواسي محمد امين پٽ عبدالڪريم ۽ سندس پٽ نويد امين مارجي ويا جڏهن ته 4 ٻيا ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ذريعن موجب، اهي صبح سوير عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ويجهي ڳوٺ گربن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ انهن کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان نشانو بڻايو ويو.
پوليس چيو ته واقعي کان پوءِ، مقامي انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language