welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي وڏي وزير سيڪريٽريٽ ۾ 24 ڪلاڪ محرم مانيٽرنگ سيل قائم

ڪراچي:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي، وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ 24 ڪلاڪ فعال 'محرم مانيٽرنگ سيل' قائم ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، اهو عوامي شڪايت سيل (919) جي تحت سينيٽر سيد وقار مهدي جي نگراني ۾ ڪم ڪندو. اعلان موجب، آفيس نمبر 02199204147 ۽ موبائل نمبر 03000276555 عوامي رابطي لاءِ موجود هوندو. ترجمان موجب، وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ محرم مانيٽرنگ سيل سڄي صوبي ۾ ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندو. وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ سيل جو ڪم محرم الحرام سان لاڳاپيل سڀني معاملن جي نگراني ڪرڻ آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته محرم الحرام جي انتظامن ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے