welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي عدالت پاڪستاني واپاري کي منشيات جي اسمگلنگ جي الزام ۾ 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

واشنگٽن:(آچر 08 جون 2025ع)آمريڪي عدالت پاڪستاني واپاري محمد آصف حفيظ کي منشيات جي اسمگلنگ جي الزام ۾ 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي عدالت پاڪستاني واپاري محمد آصف حفيظ کي ٻن الزامن ۾ سزا ٻڌائي آهي. محمد آصف حفيظ کي آگسٽ 2017 ۾ لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 3 سال اڳ آمريڪا منتقل ڪيو ويو هو. محمد آصف حفيظ جي نظربندي جي مدت به سزا ۾ شمار ٿيندي، محمد آصف حفيظ جي سزا 2033 ۾ ختم ٿيندي. آمريڪي عدالت منشيات جي اسمگلنگ سان لاڳاپيل آصف حفيظ جي اثاثن کي ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے