دمشق:(سومر 23 جون 2025ع)شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ هڪ چرچ ۾ ٿيل خودڪش حملي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا آهن.
شام جي گهرو وزارت موجب، گادي واري هنڌ دمشق ۾ هڪ چرچ ۾ ٿيل خودڪش حملي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا.
هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هڪ خودڪش بمبار چرچ اندر پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
شام جي گهرو وزارت چيو ته بمبار داعش جو ڪارڪن هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language