
واشنگٽن:(آچر 04 مئي 2025ع)واشنگٽن پوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته برطرف آمريڪي قومي سلامتي صلاحڪار مائيڪ والٽز ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کان اڳ اسرائيل سان ڳالهيون ڪيون هيون، جنهن تي ٽرمپ ناراض ٿيو.
آمريڪي اخبار لکيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ايران خلاف فوجي آپشنز بابت اوول هائوس ۾ هڪ اهم ملاقات ٿيڻي هئي، پر مائيڪ والٽز ملاقات کان اڳ ئي نيتن ياهو سان ڳالهايو.
اخبار لکيو ته ٽرمپ مائيڪل والٽز کان وڌيڪ مايوس ٿي رهيو هو، جنهن اڳ ۾ هڪ صحافي کي حساس سگنل گروپ چيٽ ۾ شامل ڪيو هو، جنهن جي ڪري حساس چيٽ ليڪ ٿي، جڏهن ته هو شروعات کان ئي ٽرمپ انتظاميه جي ٻين سينئر عملدارن سان جهيڙن ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن ۾ ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي بحث به شامل آهي. اخبار موجب، مائيڪ والٽز اوول آفيس ۾ پنهنجي باس جي ڀيٽ ۾ فوجي طاقت استعمال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پرجوش نظر آيو.
سگنل ايپ تي ٽرمپ جي جنگي منصوبي جي چيٽ ڪيئن ليڪ ٿي؟ ذميوار شخص اڳيان آيو.
اخبار اهو به چيو ته قومي سلامتي صلاحڪار جي برطرفي جو هڪ سبب اهو هو ته والٽز جو پرڏيهي پاليسي تي موقف تمام گهڻو سخت هو. والٽز ٽرمپ جي موقف جي ابتڙ روسي صدر ولاديمير پيوٽن خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
اخبار انڪشاف ڪيو ته ٽرمپ ناراض ٿيو جڏهن والٽز اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي وائيٽ هائوس جي دوري دوران متفق نظر آيو ته ايران تي حملو ڪرڻ جو وقت آهي. جڏهن ته، نتنياهو جي آفيس ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ته وزيراعظم ٽرمپ سان ملاقات کان اڳ ايران خلاف فوجي ڪارروائي تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ والٽز سان رابطو ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language