تل ابيب:(خميس 29 مئي 2025ع)اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم ايهود اولمرٽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ غزه ۾ فوجي ڪارروائي کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو آهي.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم ايهود اولمرٽ آمريڪي ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ سوال اٿاريو ته جيڪڏهن اهي جنگي ڏوهه نه آهن ته پوءِ ٻيا ڇا آهن؟
اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مان هاڻي جنگي ڏوهه جي الزامن جي خلاف اسرائيل جو دفاع نٿو ڪري سگهان.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيتن ياهو ۽ سندس حڪومت جا انتهائي ساڄي ڌر جا ميمبر اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن جن جي جنگي ڏوهه کان سواءِ وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language