welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي جارحيت جو جواب ڪيئن ۽ ڪڏهن ڏيڻو آهي، اسان وقت ۽ موقف پاڻ طئي ڪنداسين: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي:(اربع 07 مئي 2025ع)پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان ڀارتي جارحيت جو جواب ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏيڻو آهي، وقت ۽ جڳهه جو فيصلو پاڻ ڪنداسين. ڀارتي جارحيت سان ٿيندڙ نقصان ۽ پاڪ فوج جي سخت جوابي ڪارروائي جي حوالي سان تازي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ بزدلانه حملو ڪيو، جنهن ۾ مسجدن، شهري آبادي ۽ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي اڏاوتن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ ٻه مسجدون شهيد ٿيون، جڏهن ته ٻن ٻارن سميت 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ماڻهو زخمي ٿيا. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويو، 5 ڀارتي جهاز ۽ هڪ ڊرون ڪيرايو ويو، ڪيتريون ئي ڀارتي چيڪ پوسٽون پڻ تباهه ڪيون ويون، ۽ مستقبل ۾ به ڀارتي جارحيت جو پوري طاقت سان جواب ڏيندا رهنداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان پاڻ طئي ڪنداسين ته ڀارتي جارحيت جو جواب ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏيڻو آهي، وقت ۽ جڳهه.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے