اسلام آباد:(جمعو 16 مئي 2025ع)نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاڪستاني شهرين لاءِ هڪ وڏي آڇ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي انساني همدردي جي بنياد تي پنهنجا عضوا ٻين کي عطيو ڪن ٿا.
نادرا پاران جاري ڪيل هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي شهري عضوا عطيو ڪندا آهن انهن کي تاحيات سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ 'سائي' رنگ ۾ هڪ خاص علامت هوندي.
پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته 18 سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارن ماڻهن کي لاڳاپيل ڊونر رجسٽريشن اختيارين سان رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پنهنجو خاص سمارٽ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ اين آءِ سي او پي حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا آفيس سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
شهري پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي اين آءِ سي او يا خاص نشان سان سمارٽ ڪارڊ لاءِ پڻ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

ان کان اڳ، نادرا سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو تي وضاحت جاري ڪئي هئي ته وڊيو ۾ موجود شخص، جيڪو نادرا آفيس ۾ مئل قرار ڏيڻ تي حيرت جو اظهار ڪري رهيو آهي، ان جي موت جي رجسٽريشن سندس ويجهي مائٽ پاران لاڳاپيل يونين ڪائونسل ۾ ڪرائي وئي هئي.
نادرا موجب، پيدائش، موت ۽ ازدواجي حيثيت ۾ تبديلين جي رجسٽريشن لاڳاپيل يونين ڪائونسل جي ذميواري آهي، جنهن جي روشني ۾ نادرا شهرين کي سڃاڻپ دستاويز جاري ڪري ٿو.
ملڪ جي 70 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي موت کي لاڳاپيل يونين ڪائونسلن ۾ رجسٽر ڪيو ويو آهي، پر انهن فوت ٿيل ماڻهن جي ويجهن مائٽن هن رڪارڊ کي نادرا سان اپڊيٽ نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ منسوخ ڪيا ويا آهن.
ناردا چيو ته اهڙن سڀني ماڻهن جي موبائيل فونن ۽ انهن جي ويجهن مائٽن جي موبائيل فونن تي پيغام موڪليا ويا آهن ته جيئن جيڪڏهن اهي واقعي فوت ٿي ويا آهن، ته انهن جا ويجها رت جا مائٽ ويجهي نادرا آفيس ۾ اچي سگهن ٿا ۽ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ منسوخ ڪرائي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن موت جو رجسٽريشن غلط آهي، ته اهي لاڳاپيل يونين ڪائونسل ۾ رڪارڊ درست ڪرائي سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language