راولپنڊي:(سومر 19 مئي 2025ع)بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ هندستاني پراڪسي بلوچ لبريشن فرنٽ جا ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 17 ۽ 18 مئي تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا.
ڪيچ ضلعي جي تربت شهر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن ۾ دهشتگرد گروپ جو اڳواڻ صابرالله ۽ امجد عرف بچو شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. مارجي ويل دهشتگرد بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.
انٽيليجنس اطلاعن تي آواران ضلعي جي گشڪور علائقي ۾ به آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ هندستاني سرپرستي ڪندڙ دهشتگرد يونس مارجي ويو ۽ ٻه دهشتگرد زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ جي ڀارتي ايجنٽن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language