welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪمشنر ڪراچي روڊن تي هلندڙ رڪشائن تي پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي:(اڱارو 20 مئي 2025ع)ڪراچي جي ڪمشنر شهر جي ٻـن وڌيڪ شاهراهن تي چنگچي رڪشن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته لي مارڪيٽ بس اڏي جي مڪمل خاتمي لاءِ به هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ جي مسئلن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. ڪمشنر چيو ته ڪورنگي ۾ من ماني ڪندڙ چنگچي رڪشا ڊرائيورن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، غير قانوني اسٽاپن ۽ اڏن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي پڻ واضح هدايتون ڏنيون ويون. ياد رهي ته گذريل مهيني ڪراچي ۾ ”ون پلس ٽو“ ۽ ”ون پلس فور“ موٽرڪيب رڪشن تي ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جيڪا ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جي سفارش تي سي آر پي سي جي سيڪشن 144 تحت لڳائي وئي. اختيارين موجب شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، شهيد ملت روڊ سميت اهم شاهراهن تي رڪشا هلائڻ تي پابندي لاڳو آهي، جڏهن ته شاهراهه فيصل ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ”ون پلس ٽو“ ۽ ”ون پلس فور“ موٽر ڪيب هلائڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته غير مجاز ۽ هٿرادو روٽن تي هلندڙ رڪشا ٽريفڪ جي رواني ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا هئا، جنهن ڪري ”ون پلس فور“ رڪشن تي عبدالله شاهه غازي جي مزار، شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، اسٽيڊيم روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے