welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسان امن کي ترجيح ڏيندا آهيون، جنگ لاءِ هميشه تيار رهندا آهيون، جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته جنگ ئي سهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي:(اربع 21 مئي 2025ع)ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اسان امن کي ترجيح ڏيندا آهيون ۽ امن سان محبت ڪيون ٿا پر ساڳي وقت جنگ لاءِ هميشه تيار رهندا آهيون، جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پوءِ جنگ ئي سهي. برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ بيوقوفي هوندي، اهڙي جنگ ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پاڪستان امن جو خواهش مند آهي پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان هر وقت تيار آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي بيانيي سبب باهه سان کيڏي رهيو آهي، ڀارت ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ ڪوڙو بيانيو ٺاهيندو آهي، دنيا به هاڻي ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت جو موقف پهرئين ڏينهن کان بي بنياد رهيو آهي. جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته تازين حالتن ۾ پاڪستان وڏي سمجهداري سان ردعمل ڏنو ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ کان روڪيو، جيڪڏهن شدت پسندي جي واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن ته اهي ڏنا وڃن، اسان پاڻ ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته اصل تڪرار پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، جنهن ۾ ڪنهن به وقت باهه ڀڙڪي سگهي ٿي، حالتن تي نظر وجھو، 10 مئي کانپوءِ ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن پر ڀارت ۾ اڃا تائين ساڳيو بيانيو هلندڙ آهي، ڀارت جيڪي بيان ڏئي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته هو پنهنجي اندورني سياست کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڇا ڀارت ۾ توهان کي ڪنهن ذميوار سياسي قيادت جي موجودگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي حڪومت ۾ ڪو به پهلگام واقعي بابت سخت سوال نٿو پڇي، ڪير به اهو سوال نٿو ڪري ته ايتري وڏي سيڪيورٽي ناڪامي آخر ڪيئن ٿي؟ ڀارت ۾ ڪنهن کي به انهن واقعن جي پويان موجود سبب ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ناهي، ڀارت اهي آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪي ظلم ۽ زيادتي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 9 ۽ 10 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ڀارت کي مناسب جواب ڏنو، اهو محدود سطح تي اسان جي روايتي فوجي طاقت جو استعمال هو ۽ اسان جي فني صلاحيت جو هڪ ننڍو پر انتهائي اثرائتو مظاهرو هو، ان کانپوءِ توهان ڏٺو ته ڀارت پوئتي هٽڻ لڳو، اوچتو ڀارت ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي خواهش جو اظهار ڪرڻ لڳو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے