
ماسڪو:(خمیس 08 مئي 2025ع)چيني صدر شي جن پنگ روس جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ماسڪو پهچي ويو آهي، جتي هو 9 مئي تي فتح جي ڏينهن جي پريڊ ۾ مهمان خاص هوندو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب چيني صدر شي جن پنگ نازي جرمني تي سوويت يونين جي فتح جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ماسڪو پهچي ويو آهي، جتي هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي جنگ کي نيو نازي ازم خلاف هڪ نئين جدوجهد قرار ڏنو. چيني صدر شي جن پنگ روسي صدر کي پنهنجو پيارو دوست قرار ڏنو ۽ چيو ته چين ۽ روس هڪ طرفي ڪارروائين ۽ عالمي بدمعاشي جي خلاف بيٺا آهن.
ڪينيڊا 'وڪري لاءِ ناهي'، ڪينيڊين وزيراعظم جو ٽرمپ کي سخت جواب
چيني صدر چيو ته اسان هڪ گهڻ قطبي عالمي نظام جي حمايت ڪريون ٿا، اسان جديد دور جي نازي ازم ۽ فوجيت جي خلاف بيٺا آهيون، ۽ اسان گڏجي ٻي عالمي جنگ جي حقيقي تاريخ کي اجاگر ڪنداسين.
هن چيو ته اسين گڏيل قومن جي اداري جو دفاع ڪنداسين ۽ ترقي پذير ملڪن جي مفادن جو تحفظ ڪنداسين. چيني صدر 9 مئي تي فتح جي ڏينهن جي پريڊ ۾ خاص مهمان آهي.
ياد رهي ته هي پريڊ ٻي عالمي جنگ ۾ نازي جرمني تي سوويت يونين جي فتح جي 80 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ڪئي پئي وڃي.
چين پريڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ 102 فوجي اهلڪار موڪليا آهن، جيڪو ڪنهن به پرڏيهي فوجي دستي جو سڀ کان وڏو انگ آهي.
چيني پرڏيهي وزارت موجب، شي جن پنگ ۽ پيوٽن يوڪرين جي جنگ، چين-روس لاڳاپن، روس-آمريڪا تڪرار ۽ عالمي سفارتي منظرنامي تي تفصيل سان بحث ڪندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language