welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال پيو ڪري، ايٽمي جنگ رڳو پاڪستان تائين محدود نه هوندي: بلاول

اسلام آباد:(خميس 22 مئي 2025ع)دنيا ۾ ڀارتي جارحيت ۽ ڀارتي پروپئگنڊا کي وائکو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڪردار کي واضح ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ قائم ڪاميٽي کي پرڏيهي وزارت ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ بلاول ڀٽو زرداري، حنا رباني کر، مصدق ملڪ، خرم دستگير، ،شيري رحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪاميٽي مختلف ملڪن جا دورا ڪندي. سفارتي ڪاميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڻي جي مسئلي تي ايندڙ نسل جنگ وڙهندا، اهو افسوسناڪ آهي، ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگ ٿي ته نتيجا رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا، هن چيو ته دهشتگردي سبب پاڪستان سڀ کان متاثر ٿيو آهي، دهشتگردي کان خطي کي پاڪ ڪرڻ جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي، پاڪستان جو پيغام امن آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ پهچائي رهيا آهيون، مودي بي بنياد الزام لڳايا، وزيراعظم شهباز شريف غيرجانبداراڻي جاچ جو مطالبو ڪيو، ڀارت جو موقف ڪمزور آهي، هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پاڻي جي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے