welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايل اين جي جي قيمت گهٽجي وئي

اسلام آباد:(اڱارو 13 مئي 2025ع)مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) جي قيمت ۾ 1.71 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو گهٽتائي ڪئي وئي. مئي لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اوگرا قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 1.68 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 11.79 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 10.87 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 12.42 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 13.64 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے