واشنگٽن:(سومر 19 مئي 2025ع)جارج واشنگٽن يونيورسٽي جي شاگردياڻي سيسيليا ڪلور پنهنجي يونيورسٽي تي غزه ۾ نسل ڪشي جي فنڊنگ جو الزام لڳايو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جارج واشنگٽن يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي فلسطينين جي حق ۾ احتجاج ڪيو، جنهن دوران سيسيليا ڪلور چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي.
شاگردياڻي چيو ته يونيورسٽي انتظاميا سندس فيس غزه ۾ نسل ڪشي جي فنڊنگ لاءِ استعمال ڪئي، ۽ هوءَ پنهنجي گريجوئيشن جو جشن اداس دل سان نه ٿي ملهائي سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language