welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪڏهن ڪنهن پرڏيهي سازش تحت روڪيو ويو ته ان جا سبب عوام کي ٻڌائينداسين، بنگلاديشي عبوري حڪومت اعلان

ڍاڪا:(آچر 25 مئي 2025ع)بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي منصوبابندي صلاحڪار وحيد الدين، چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي استعيفيٰ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. بنگلاديشي ميڊيا موجب، بنگلاديش جي عبوري ڪائونسل جو هڪ هنگامي اجلاس محمد يونس جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ انصاف، سڌارن ۽ چونڊن تي بحث ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ عبوري حڪومت کي درپيش رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن تي بحث ڪيو ويو ۽ ملڪ جي سياسي پارٽين سان رابطن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بابت خدشن کي دور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب، عبوري حڪومت رڪاوٽن جي باوجود قومي مفاد ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. جيڪڏهن عبوري حڪومت کي شڪست کاڌل قوتن جي مرضي يا ڪنهن پرڏيهي سازش جي ڪري روڪيو وڃي ٿو ته ان جا سبب عوام کي بيان ڪيا ويندا ۽ اهڙي صورتحال ۾ عبوري حڪومت عوام سان گڏ ضروري قدم کڻندي. ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي، منصوبابندي صلاحڪار وحيد الدين محمد چيو ته محمد يونس وڃڻ لاءِ نه چيو، هن عبوري حڪومت کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو. انهن چيو ته اسان ڪٿي به نه وڃي رهيا آهيون جيستائين اسان پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندا، اسان سڀني مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي پار ڪنداسين. ٻئي طرف، جماعت اسلامي، بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي، ۽ نيشنل سٽيزن پارٽي جي وفدن به ڍاڪا ۾ چيف ايڊوائيزر محمد يونس سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ جلد سڌارن ۽ ڊسمبر ۾ چونڊن جو مطالبو ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے