welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خانپورمهر ڀرسان وحشي جوابدارن مينهن جي زبان وڍي ڇڏي

خانپور:(اربع 21 مئي 2025ع)خانپورمهر ويجهو نامعلوم وحشي جوابدارن مينهن جي زبان وڍي ڇڏي، تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل، خبر موجب خانپورمهر لڳ سردار ڳڙه جي عزت واري علائقي ۾ نامعلوم وحشي جوابدارن ڳوٺاڻي محمد پناھ ملڪ جي مينهن جي زبان وڍي ڇڏي، هوڏانهن زبان وڍيل بي زبان جانور جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مينهن جي اڌ زبان وڍيل آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻي شرف الدين ملڪ ٻڌايو ته اسان جي مينهن زمين ۾ گاهه چرڻ وئي ته نامعلوم وحشي صفت جوابدارن سندس زبان وڍي ڇڏي آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ظالمن ظلم ڪيو آهي، هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن جي ڳولا ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے