welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خضدار ۾ ڌماڪو، بس ۾ سوار 4 ٻار مارجي ويا

خضدار:(اربع 21 مئي 2025ع)خضدار ۾ زيرو پوائنٽ ويجهو ڌماڪي ۾ بس ۾ سوار چار ٻار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊپٽي ڪمشنر خضدار ڌماڪي ۾ 4 ٻارن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪي ۾ 35 ٻار زخمي ٿيا آهن. زخمين کي سي ايم ايڇ خضدار منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر خضدار جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ آندو پيو وڃي ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے