welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنجهوري ڀرسان پيءُ نوجوان ڌيءُ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏي، 3 جوابدار گرفتار

سنجھوري:(خمیس 08 مئي 2025ع)سنجهوري ويجهو بيرحم والد پنهنجي 2 ڀائرن سان گڏ پنهنجي 17 سالا ڪنواري ڌيءُ کي ڪارنهن الزام هيٺ گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش دفنائي ڇڏيو، ٽئي جوابدار گرفتار، سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل، پوليس موجب 32 چڪ جي رهواسي جوابدار گاگن ڀيل ٻڌايو ته هن پنهنجي 17 سالا نياڻي شانتي ڀيل کي پاڙي جي نوجوان پريتم ڀيل سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو، جنهن دوران نوجوان پريتم ڀيل موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پنهنجي ڀائرن موتي ڀيل ۽ رائيمل ڀيل سان گڏجي ڌيءُ شانتي ڀيل کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش سنجهوري شهر ڀرسان هندن جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو، سنجهورو پوليس موجب اطلاع ملڻ تي معاملي جي جاچ بعد 32 چڪ پهچي مقتولا شانتي ڀيل جي قتل ۾ ملوث سندس والد گاگن ڀيل ۽ چاچن موتي ڀيل ۽ رائيمل ڀيل کي گرفتار ڪري سندن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے