welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گمبٽ واسي ڪار ڊرائيور گهوٽڪي مان اغوا، 2 ڪروڙ ڀنگ طلب

گمبٽ:(خميس 22 مئي 2025ع)گمبٽ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين چانڊيو واسي اڌڙوٽ عبدالرحمان چانڊيو مبينا طور پنجاب ويندي گھوٽڪي مان اغوا ٿي ويو آهي، ڌاڙيلن وارثن کان ٻه ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، مغوي جي وارثن ٻڌايو ته عبدالرحمان چانڊيو ڪار جو ڊرائيور آهي، جيڪو گذريل ڏينهن گمبٽ کان پنجاب طرف ڪار چڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته گھوٽڪي ضلعي مان ڌاڙيل موٽروي تان کيس اغوا ڪيو آهي، هنن چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري ٻه ڪروڙ روپيا ڀنگ، ٻه راڊو واچون، ٻه آءِ فون ۽ 10 بوسڪي جا پٽڪا ڀنگ گهريا آهن، اسان غريب آهيون، مزدوري ڪري گھر جو چرخو هلائيندا آهيون، ايتري رقم ڪٿان آڻيون جو ڌاڙيلن کي ڏيون، هنن ڊرائيور کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن ايس ايس پي گھوٽڪي سميع الله سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن اغوا بابت اطلاع ڏنو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون ته مغوي گھوٽڪي مان يا ڪشمور مان اغوا ٿيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے