welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

برطانيه ۽ يورپ ۾ غير قانوني مهاجرن کي آڻڻ جي الزام ۾ هڪ شخص کي 25 سال قيد جي سزا

لنڊن:(اڱارو 20 مئي 2025ع)برطانيه ۽ يورپ ۾ غير قانوني مهاجرن کي آڻڻ جي الزام ۾ هڪ شخص کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. برطانوي ميڊيا موجب، ملزم تي ميڊيٽرينين سمنڊ ذريعي 3,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي يورپ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي. برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي ڪامياب جاچ 42 سالن جي احمد عابد کي، جيڪو هڪ بين الاقوامي انساني اسمگلنگ نيٽ ورڪ جو اهم ميمبر آهي، انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو آهي. رپورٽ موجب، احمد عباد هڪ مصري ماهيگير آهي ۽ ڪيترن سالن کان برطانيه ۾ رهي چڪو هو. ملزم تي آڪٽوبر 2022 ۽ جون 2023 جي وچ ۾ خطرناڪ ۽ غير محفوظ ٻيڙين ۾ اتر آفريڪا کان اٽلي تائين 3,800 کان وڌيڪ ماڻهن کي سمگل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو. برطانوي ميڊيا موجب، عابد ميڊيٽرينين سمنڊ ذريعي يورپ ڏانهن مهاجرن جي اسمگلنگ جي هن بدنام نيٽ ورڪ ۾ فيصلو ڪندڙ ڪردار ادا ڪيو. هو صرف رشوت، ڌمڪين ۽ تشدد ذريعي انساني زندگين کي خطري ۾ وجهي مالي فائدو حاصل ڪرڻ چاهيندو هو. جاچ دوران، اهو معلوم ٿيو ته عابد نه رڳو سيڪيورٽي اهلڪارن کي رشوت ڏني پر پنهنجي ساٿين کي اهو به چيو ته جيڪڏهن ڪو به مهاجر فون سان پڪڙيو وڃي ته ان کي قتل ڪري سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو وڃي. ملزم کي سائوٿ وارڪ ڪرائون ڪورٽ ۾ سزا ٻڌائي وئي جتي جج چيو ته سندس "مکيه مقصد انساني اسمگلنگ مان مالي طور تي فائدو حاصل ڪرڻ هو". جج چيو ته هي فيصلو هڪ واضح پيغام آهي ته برطانيه انساني اسمگلنگ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے