welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خليج تعاون ڪائونسل پاران ڏکڻ ايشيا ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

ریاض:(آچر 04 مئي 2025ع)خليج تعاون ڪائونسل ڏکڻ ايشيا ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. خليج تعاون ڪائونسل پاڪستان ۽ هندستان کي صبر کان ڪم وٺڻ ۽ فوري طور تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي. ڇهن ملڪي عرب اتحاد جي سيڪريٽري جنرل، جاسم البدائي، پنهنجي بيان ۾، اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ پرامن طريقا اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ هندستان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ فوري طور تي ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت جي سفيرن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو پيغام ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے