ڪراچي:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)گذريل ڏينهن گهٽتائي کانپوءِ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 39 هزار 4 رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون 514 رپيا واڌ سان 2 لک 90 هزار 980 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 6 ڊالر اضافي سان 3 هزار 224 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language