انقرہ:(اربع 23 اپريل 2025ع)ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته پاڪستان غزه ۾ بربريت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.
انقره ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا باهمي رابطا مضبوط دوستي جي علامت آهن.
رجب طيب اردگان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان دفاعي شعبي ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.
ترڪ صدر طيب اردگان چيو ته پاڪستان غزه ۾ بربريت جي سخت مذمت ڪري ٿو، فلسطين جي آزادي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون، ترڪي ۽ پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language