welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد: سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ بار طرفان اڄ ٽئين ڏينهن به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

حيدرآباد:(اربع 23 اپريل 2025ع)سنڌو درياء تي تڪراري ڪئنالن جي منصوبي خلاف سنڌ بار پاران اڄ ٽئين ڏينھن تي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جي اعلان کان پوءِ حيدرآباد ھاء ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري آھي. عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ دوران ٽئي ڏينھن به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، سائلين تاريخون وٺي واپس وڃڻ لڳا، حيدرآباد جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ظھيرالدين سھتو، ايڊووڪيٽ آيت الله خواجه، بئريسٽر جواد قريشي، ايڊووڪيٽ بختيار پنھور، ايڊووڪيٽ محمد علي ڪولاچي، ايڊووڪيٽ مرتضي شيخ ۽ ٻين وڪيلن پاران بائيڪاٽ ڪرايو ويو، وڪيلن جو چوڻ ھو ته سنڌوءَ جي عاشقن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش، ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي ويگو مان فائرنگ، ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، پوئتي نه هٽنداسين، هنن چيو ته تڪراري ڪئنال نامنظور، سنڌ فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي، هي مظاھرين ۽ ڌرڻن ۾ ويٺل ماڻھن تي فائرنگ ڪري ڪئنالن وارو احتجاج ختم نٿا ڪرائي سگھن، سنڌ جي حقن لاءِ ايئرپورٽ، بندرگاھه ۽ ٽرينون به بند ڪرڻ بابت وڪلا ڪور ڪميٽي لائحه عمل جو اعلان ڪندي، اسان وڪيل اهڙي اعلان کي لبيڪ ڪنداسين

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے