welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت: عورت سان زيادتي جي الزام ۾ خود ساخته پادري کي عمر قيد جي سزا

موھالي: (اربع 02 اپريل 2025ع)هڪ هندستاني عدالت هڪ خود ساخته پادري کي عورت سان زيادتي جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. هندستاني رياست پنجاب جي شهر موهالي جي عدالت هي فيصلو ڏنو. بجندر سنگهه نالي هڪ پادري 2018 ۾ هڪ عورت کي پرڏيهه وٺي وڃڻ جو لالچ ڏئي زيادتي ڪئي. متاثره پنهنجي بيان ۾ چيو ته بجيندر سنگهه زيادتي جي وڊيو ٺاهي ۽ کيس بليڪ ميل ڪندو رهيو. عورت موجب، ڪيتريون ئي عورتون آهن جن جو پادري بجيندر سنگهه پاران استحصال ڪيو ويو. عورت 2018 ۾ موهالي جي هڪ پوليس اسٽيشن ۾ بجندر سنگهه خلاف شڪايت داخل ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ ڪيس هلندڙ هو. متاثره چيو ته هوءَ انصاف لاءِ 7 سالن کان عدالت ۽ پوليس اسٽيشن وڃي رهي هئي، ۽ اڄ کيس انصاف مليو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے