
مسقط:(آچر 13 اپريل 2025ع)سعودي عرب عمان جي ثالثي ۾ مسقط ۾ ايران-آمريڪا ڳالهين جو استقبال ڪيو آهي.
تفصيل موجب، سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو عمان جي ثالثي ۾ ايران-آمريڪا ڳالهين جو استقبال ڪري ٿو، ۽ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. اميد آهي ته ايران-آمريڪا ڳالهين جا نتيجا نڪرندا.
ياد رهي ته عمان ۾ ايران-آمريڪا جي اڻ سڌي ڳالهين جو پهريون دور ڪالهه مڪمل ٿيو، ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين وڌيڪ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو پهريون دور مثبت رهيو. وائيٽ هائوس پڻ ايران سان ڳالهين کي مثبت ۽ تعميري قرار ڏنو. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪي نمائندي اسٽيو وٽڪوف جو سڌو رابطو باهمي فائدي جي طرف هڪ قدم هو.
ڳالهين دوران ايراني ۽ آمريڪي وفد الڳ الڳ ڪمرن ۾ ويٺا، ايندڙ دور 19 اپريل تي آهي.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران ۽ آمريڪا جون ڳالهيون لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪ تائين جاري رهيون ۽ ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته ڳالهيون ايندڙ هفتي جاري رهنديون، ڳالهين جو ايندڙ دور 19 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
الجزيره موجب، ڳالهيون الڳ الڳ ڪمرن ۾ ٿيون، ٻئي وفد الڳ الڳ ڪمرن ۾ ويٺا هئا، جڏهن ته عماني عملدارن وفدن جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏنو. ڳالهين جي آخر ۾، عباس عراقچي ۽ اسٽيو وٽڪوف عماني پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ ڪجهه منٽن لاءِ آمهون سامهون ڳالهايو.
ايراني وفد جي سربراهه چيو ته ڳالهين جو ايندڙ دور هڪ هفتي ۾ ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو ممڪن آهي ته اهي عمان ۾ نه ٿيندا، پر ڳالهيون عمان جي ثالثي ۾ ٿينديون. هن چيو ته ٻئي ڌريون بيڪار ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ نٿيون چاهين، جنهن سان وقت ضايع ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language