
ماسڪو:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايسٽر جي اعزاز ۾ عارضي جنگ بندي ۽ يوڪرين تي حملو نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب عيسائي مذهبي تهوار کي نظر ۾ رکندي روسي صدر پيوٽن چيو ته روس 21 اپريل تائين يوڪرين تي حملو نه ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪيو ته جيئن ماڻهو ايسٽر ملهائي سگهن.
پيوٽن چيو ته هن ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي ۽ هميشه مثبت جواب ڏنو آهي. هو يوڪرين جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ چين جي خواهشن جو احترام ڪري ٿو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ روس-يوڪرين جنگ جي جنون جو مڪمل خاتمو چاهي ٿو.
گذريل مهيني، روس-يوڪرين جنگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڊگهي وقفي کان پوءِ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وائيٽ هائوس جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف ڊين اسڪيوينو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن روس-يوڪرين جنگ تي بحث ڪيو آهي.
ڊپٽي چيف آف اسٽاف ڊين اسڪوينو چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي حوالي سان ٽيليفون تي ڳالهيون جاري آهن. اسان کي اميد آهي ته يوڪريني صدر شڪ جي باوجود امن معاهدي تي صحيح ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language