welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا ۾ به اظهار راءِ جي آزادي تي دٻاءُ وڌي پيو، 60 منٽس جي پروڊيوسر بل اوونز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:(اربع 23 اپريل 2025ع)ترقي پذير ملڪن وانگر، آمريڪا ۾ ميڊيا جي آزادي، ڪارپوريٽ مفادن ۽ سياسي دٻاءُ جي وچ ۾ تڪرار وڌيڪ نمايان ٿي رهيو آهي، ۽ تازو مثال "60 منٽس" جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر بل اوونز آهي، جنهن پنهنجي ادارتي آزادي جي خاتمي جو حوالو ڏيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پروڊيوسر بل اوونز چيو ته هو هاڻي آزاد ادارتي فيصلا نٿو ڪري سگهي، جيئن هو هميشه ڪندو هو. پروگرام تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پيراماؤنٽ (سي بي ايس نيوز جي مالڪ ڪمپني) ٻنهي جو دٻاءُ وڌي رهيو هو. ٽرمپ سي بي ايس خلاف 10 ارب ڊالر جو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن کي قانوني ماهرن بي بنياد قرار ڏنو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے