welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري، 60 کان وڌيڪ فلسطيني قتل

غزہ:(اربع 09 اپريل 2025ع)غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، تازي ڪارروائي ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن. غزه جي صحت واري وزارت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 فلسطيني قتل ويا ۽ 213 زخمي ٿيا. صحت واري وزارت چيو ته صحافي احمد منصور، جيڪو سومر ڏينهن ڏکڻ غزه جي خان يونس ۾ ناصر اسپتال جي ويجهو ميڊيا ٽينٽ تي اسرائيلي حملي ۾ سخت سڙي ويو هو، پڻ پنهنجي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. 17 مهينن کان هلندڙ اسرائيلي جنگ ۾ 211 فلسطيني صحافي قتل ٿي چڪا آهن. غزه جي صحت واري وزارت موجب، غزه تي اسرائيل جي حملن ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 50,000 فلسطيني مارجي ويا آهن، جڏهن ته سرڪاري ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته قتل ڪيلن جو انگ 61,000 کان وڌي ويو آهي. ٻئي طرف، اسرائيلي وزيراعظم صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽرمپ اشارو ڏنو ته غزه جنگ جلد ختم ٿي ويندي. ان دوران، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته جبري بي دخلي بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے