welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سائين جي ايم سيد جي اڄ 30هين ورسي، سن ۾ مشعل بردار ريلي

سن:(جمعو 25 اپريل 2025ع)سن شھر ۾ اڄ جيئي سنڌ ھلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 30 ورسي ملھائي ويندي، سنڌ جي مختلف شھرن مان ڪارڪن سائين جي ايم سيد جي مزار تي پھچي گلن جون چادرون چاڙھي ڀيٽا پيش ڪندا. ايس يوپي طرفان سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تي رات جو راڳ رنگ جي محفل ڪري 12 بجي مشعل برداري ريلي ڪڍي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاصري ڀري سائين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جسقم بشير خان گروپ طرفان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاصري ڀري سائين جي ايم سيد جي 30 ورسي ملھائي ويندي ۽ مزار جي سيراندي کان پنڊال لڳائي راڳ رنگ جي محفل ڪري جلسي جو پروگرام ڪيو ويندو. جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس، صنعان اڄ ڪئنالن خلاف جدوجهد بابت اهم اعلان ڪندو سن: جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران اڄ سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي سن ۾ ملهائي ويندي،سيد، تاريخ جي دز دور ڪري وساريل سنڌ ياد ڏياري، ڪئنالن خلاف سيد جي ورسي ۾ اهم اعلان ڪيو ويندو. جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جسقم مرڪزي پاليسي ساز اداري جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس رات سن ۾ ٿيو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ، جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران 25 اپريل تي سائين جي ايم سيد جي 30هين ورسي جو جلسو سن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ٿيندو، جلسي سنڌو درياھ مٿان 6 ڪينال ٺاهڻ خلاف ۽ سنڌ جي زمينن جي قبضي خلاف اهم اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد تاريخ جي دز دور ڪري وساريل سنڌ ياد ڏياري، سائين جي ايم سيد تاريخ ، سياست، فلسفي، ڪلچر، مذهب تي ڪتاب لکي فڪر جي روشنيءَ ڏني آهي، جنهن روشني تي هلي سنڌ جي وجود جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جسقم چيئرمين چيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سياسي جدوجهد جو رستو عدم تشدد جو ڏيکاريو آهي، سيد، عشق ۾ به ڪڏهن انتها پسندي نه ڪئي، هن پيار ۽ محبت جو درس ڏنومرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رهبر جي مزار تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ 1 وڳي حاضري ڀريندو، جڏهن ته 2 وڳي جلسو سيد جي سيراندي کان ٿيندو. جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي طرفان ڪئنال مخالف ڌرڻن سان يڪجهتي طور ورسي جلسو ملتوي سن: جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان گڏيل تور تي سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي سنڌو درياءَ مان 6 نوا تڪراري ڪينال ڪڍڻ ،گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ والار خلاف ٻٻرلوءِ سميت سڄي سنڌ ۾ لڳل ڌرڻن سان يڪجهتي طور تي سائين جي ايم سيد جي ورسي جو جلسو ملتوي ڪيو آهي. اڄ منجهند جو 2 بجي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھه سنڌي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے