welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا اسرائيل کي 180 ملين ڊالر جي انجن وڪڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)آمريڪا اسرائيل کي 180 ملين ڊالر جي انجنن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي ڊفينس سيڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي اسرائيل کي انجن وڪڻڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي فوجن کي کڻي ويندڙ ڳري گاڏين لاءِ وڌيڪ انجن جي ضرورت هئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي بکتر بند اهلڪارن جي گاڏين لاءِ ڳري گاڏين جا انجن فراهم ڪيا ويندا، جيڪي اسرائيل جي سرحدي دفاع ۽ فوجي نقل و حرکت کي بهتر بڻائيندا. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، معاهدي ۾ انجن، پرزا، ٽيڪنيڪل مدد ۽ لاجسٽڪ سپورٽ شامل آهن. اهو معاهدو خطي ۾ فوجي توازن کي متاثر نه ڪندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته هيوي گاڏين جا انجن مشڪل علائقن ۾ فوجي نقل و حمل لاءِ ٺاهيا ويا آهن. ڳري گاڏين جا انجن جنگي علائقن ۾ فوجي قوتن جي حرڪت ۾ مدد ڪندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے