welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوالالمپور: گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب 100 کان وڌيڪ زخمي

ڪولالمپور: (اربع 02 اپريل 2025ع)ملائيشيا جي راڄڌاني ڪوالالمپور جي ٻاهرئين حصي ۾ هڪ زوردار ڌماڪي ۾ هڪ گئس پائيپ لائين ڦاٽي پئي. ڌماڪي سبب باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. هڪ بين الاقوامي نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب، عيد جي ٻئي ڏينهن، ڪوالالمپور جي ويجهو پٽرا هائٽس ۾ هڪ گئس اسٽيشن جي ويجهو هڪ گئس لائن ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ڪري باهه سڀني طرفن ۾ پکڙجي وئي. ملائيشيا جي هڪ نيوز ايجنسي موجب، خوفناڪ باهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 49 گهرن کي نقصان پهتو آهي ۽ 112 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. رپورٽن موجب، ملائيشيا جي قومي تيل ڪمپني پيٽروناس جو چوڻ آهي ته متاثر ٿيل گئس پائپ لائن کي الڳ ڪري باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. سيلنگور جي وڏي وزير اميرالدين سري جو چوڻ آهي ته فائر ڊپارٽمينٽ احتياطي تدبير جي طور تي ويجهن گهرن کي خالي ڪرايو آهي، ۽ صورتحال ڪنٽرول ۾ اچڻ تائين رهواسين کي ويجهن مسجدن ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، ٿائيلينڊ جي زلزلي ۾ بچيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، جن لاءِ هر لمحو قيمتي آهي، جڏهن ته رپورٽ ٿيل موت جو انگ 1,600 کان مٿي ٿي چڪو آهي. تفصيل موجب، ميانمار ۾ بچيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، جتي جمعي ڏينهن 7.7 شدت جي زلزلي کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 1,644 ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 3,500 زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. زلزلي جي مرڪز جي ويجهو منڊالي شهر ۾ بچاءُ ڪندڙ ڪارڪنن هڪ عورت کي سندس اپارٽمينٽ بلاڪ جي ملبي مان زنده ڪڍيو آهي، جتي هوءَ 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين ڦاسي رهي هئي. تهران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته ان وٽ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هوندو. پاڙيسري ٿائيلينڊ جي راڄڌاني، بينڪاڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 وڌيڪ موت جا اطلاع مليا، جيڪو زلزلي جي مرڪز کان تقريباً 1,000 ڪلوميٽر (620 ميل) پري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے