
ملتان:(خمیس 24 اپريل 2025ع)پي ايس ايل 10 جي 13 هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾، اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز پاران ڏنل 169 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو.
اينڊريس غوث 73 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ڪولن منرو 45 ۽ صاحبزاده فرحان 22 رنسن تي آئوٽ ٿيا.
ملتان سلطانز لاءِ عبيد شاهه ۽ مائيڪل بريس ويل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
پهرين بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهيون ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي فتح لاءِ 169 رنسن جو هدف ڏنو.
عثمان خان 61 رنز ٺاهي نمايان رهيا، ڪپتان محمد رضوان 36 ۽ ياسر خان 29 رنز ٺاهي نمايان رهيا.
افتخار احمد 10 رنسون ٺاهيون ۽ جيسن هولڊر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته مائيڪل بريس ويل 9 رنسون ٺاهيون.
اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران محمد نواز، جيسن هولڊر ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي پهرين بالنگ جي دعوت ڏني.
ملتان سلطانز جي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، طيب طاهر ۽ ڪرس جارڊن کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ چار تبديليون ڪيون آهن، جن ۾ آندري غوث، جيسن هولڊر، سلمان ارشاد ۽ سعد مسعود کي شامل ڪيو ويو آهي.
پي ايس ايل 10 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز هڪ ميچ کٽڻ کان پوءِ هيٺئين نمبر تي آهي.
هيڊ ٽو هيڊ ميچن ۾، اسلام آباد ٽيم 17 مان 9 ۾ فتح حاصل ڪئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 33 رنسن تان شڪست ڏئي پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language