welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن بابت آمريڪا ڇا چيو؟

واشنگٽن: (اڱارو 01 اپريل 2025ع)پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن جي جواب ۾ آمريڪا چيو آهي ته هو ٻنهي ملڪن جي شهرين جي تحفظ جي ڪوششن ۾ اسلام آباد جو ثابت قدم ساٿي رهندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اي آر وائي نيوز سان هڪ خاص انٽرويو ۾ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل مفاد آهن. داعش جي هڪ دهشتگرد جي تازي گرفتاري گڏيل مفادن جي عڪاسي ڪري ٿي. دهشتگردي خلاف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام تشدد ۽ خوف کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. پاڪستان سان گڏجي، اسين دهشتگردن کي انهن جي تشدد جي خوفناڪ ڪاررواين لاءِ جوابده ڪنداسين. گڏجي، ٻئي ملڪ هڪ محفوظ علائقي کي فروغ ڏيندا. هندستان کي ڳڻتي وارن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز جو جواب ڏيندي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اهي هندستان سميت دنيا ۾ مذهبي آزادي جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن. ترجمان چيو ته مذهبي آزادي تي آمريڪي ڪميشن هڪ آزاد آمريڪي ڪميشن آهي جيڪو صدر، سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ ڪانگريس کي پاليسي سفارشون فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هندستان تي پابندين لاءِ سفارشون آزاد ڪميشن جا خيال آهن، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جا نه. اسان ڪميشن جي سفارشن تي پرڏيهي وزير جي فيصلن جي اڳڪٿي نٿا ڪري سگهون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے