welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اتر پرديش ۾ هولي جا رنگ نه لڳائڻ تي مسلمان شهري کي قتل ڪيو ويو

اترپردیش: (آچر 30 مارچ 2025ع)ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ مسلمان شهري کي هولي جا رنگ نه لڳائڻ تي قتل ڪيو ويو. تفصيل موجب، اهو واقعو ٻه هفتا اڳ اتر پرديش رياست جي شهر اناؤ ۾ پيش آيو، جتي انتهاپسندن 53 سالن جي محمد شريف کي هولي جا رنگ نه لڳائڻ تي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب، پوليس موت جو سبب دل جو دورو قرار ڏنو، ۽ محمد شريف جي خاندان انصاف جي مطالبي لاءِ لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪيو، ۽ پوليس مقتول جي خاندان خلاف نوٽيس جاري ڪيو. مخالف ڌر جي پارٽين پوليس جي رويي تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے