welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گوادر ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا

گوادر: (خميس 27 مارچ 2025ع)بلوچستان ۾ هڪ ٻيو خوني واقعو پيش آيو آهي، جتي گوادر ۾ نامعلوم حملي آورن جي فائرنگ ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا. فائرنگ جو واقعو گوادر جي علائقي ڪلمت ۾ پيش آيو، جتي نامعلوم حملي آورن گوادر کان ڪراچي ويندڙ مسافرن تي فائرنگ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ پنج ماڻهو موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. جڏهن ته، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شخص به علاج دوران فوت ٿي ويو، جنهن سان فوتين جو انگ 6 ٿي ويو. پوليس موجب، فوت ٿيل ماڻهو گوادر کان ڪراچي وڃي رهيا هئا، جن مان هڪ جو تعلق ملتان سان آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ جاري آهي. گهرو وزير پاران فائرنگ جي واقعي جي مذمت وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪلمت ۾ مسافرن تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن بزدلاڻي ڪارروائي ۾ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو. گهرو وزير محسن نقوي فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته بيگناهه ماڻهن جو ناحق قتل انسانيت خلاف ڏوهه آهي ۽ مسافرن کي سڃاڻپ ڪري نشانو بڻائڻ بربريت ۽ ظلم آهي. بزدلانه ڪارروايون دهشتگردي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن: محسن نقوي محسن نقوي چيو ته بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ بلوچستان جي منگچر علائقي ۾ به فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ پنجاب جا 4 مزدور مارجي ويا هئا. اسسٽنٽ ڪمشنر منگچر علي گل موجب، نامعلوم هٿياربند ماڻهن منگچر جي ملنگزئي ۾ ٽيوب ويل جي انسٽاليشن تي ڪم ڪندڙ مزدورن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا. هن چيو ته فوت ٿيل جو تعلق صادق آباد سان هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے