ماسڪو: (آچر 30 مارچ 2025ع)روس يوڪريني شهر ڊنيپرو تي وڏا ڊرون حملا ڪيا، جنهن ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪريني شهر ڊنيپرو ۾ روسي ڊرون حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 21 زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب، روسي ڊرون حملي ۾ هوٽلن، گهرن ۽ ٻين عمارتن کي باهه لڳي وئي.
يوڪريني عملدارن جو چوڻ آهي ته روس طرفان 20 کان وڌيڪ ڊرون موڪليا ويا هئا، جن مان گهڻا ڪيرايا ويا.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ هوائي حملا تيز ٿي ويا آهن.
اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ جنگ بندي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، روس ۽ يوڪرين هڪ ٻئي تي توانائي جي سهولتن کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳائي رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language