
دمشق: (جمعو 07 مارچ 2025ع)شام جي سيڪيورٽي فورسز معزول صدر بشار الاسد جي 28 حامين کي ماري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، شام جي معزول صدر بشار الاسد جي وفادار جنگجوئن خميس ڏينهن لتاڪيا صوبي جي جبله شهر ۾ سرڪاري فوج تي حملو ڪيو.
صوبائي سيڪيورٽي چيف، ليفٽيننٽ ڪرنل مصطفيٰ، چيو ته بشار الاسد جي حمايتين جبله ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ سيڪيورٽي گشتن ۽ چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو.
نيوز ايجنسي موجب بشار الاسد جي حمايتين جي حملي ۾ 16 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 4 شهري پڻ مارجي ويا.
برطانيه ۾ قائم هڪ مانيٽرنگ گروپ چيو آهي ته مارجي ويل سيڪيورٽي اهلڪارن مان گھڻا اتر اولهه شام جي شهر ادلب جا هئا، جيڪو باغين جو مضبوط قلعو هو جيڪي ملڪ جي 13 سالن جي خانہ جنگي دوران اسد خلاف وڙهيا هئا.
جڏهن ته، جوابي ڪارروائي ۾، شامي سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران معزول صدر بشار الاسد جي 28 حامي مارجي ويا.
شام جي سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسين خطي ۾ استحڪام بحال ڪنداسين ۽ پنهنجن ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪنداسين.
رپورٽ موجب، جهڙپن کان پوءِ، سيڪيورٽي فورسز ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو جمعي جي صبح 10 وڳي تائين جاري رهندو.
ياد رهي ته ڊسمبر ۾ شام ۾ مخالف قوتن ملڪ جي وڏن شهرن تي قبضو ڪري ورتو هو، جنهن جي ڪري اڳوڻي صدر بشار الاسد کي ملڪ مان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، جنهن سان اسد خاندان جي طاقت ختم ٿي وئي هئي، جيڪو شام تي پنج ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪندو رهيو هو.
بشار الاسد پنهنجي خاندان سان گڏ روس ڀڄي ويو، جتي هن سياسي پناهه ورتي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language